NCRA-CMS

0092-22-2109133
cropped-NCRA-Logo-01-1536x558

ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي جي اين سي آر ليب ۾حادثن جي روڪٿام لاءِ ڪم جاري

مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي اين سي آر اي ليب ۾ ريموٽ ذريعي ريل ۽ روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ ڪم شروع ٿي ويو،يونيورسٽيءَ جي ماهرن, اسڪالرن ۽ انجنيئرن پاران ريموٽ، روبوٽ ۽ موبائل ايپليڪيشنز تيار ڪري ريل گاڏين جي وڌندڙ حادثن کي روڪڻ ۽ روڊ تي مختلف گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيورن جي ڄاڻ لاءِ تجربن وارو سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اسلم عقيلي ۽ پروفيسر ڀواني شنڪر ٻڌايو ته ريل گاڏين جي وڌندڙ حادثن کي روڪڻ ۽ روڊ تي مختلف گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيورن جي ڄاڻ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي جي اين سي آر اي ليب ريلوي ٽريڪ ۽ ونڊمل ٽربائين مانيٽرنگ تي ڪم ڪري رهي آهي، هنن چيو مهراڻ يونيورسٽي ملڪ جي واحد يونيورسٽي آهي جنهن ۾ تجربن لاءِ ريلوي ٽريڪ جي سهولت ميسر آهي، هتان جا ماهر، اسڪالر ۽ انجنيئر ٽرين ۽ روڊ حادثن کي روڪڻ لاءِ بهتر تجربا ڪري چڪا آهن، جيڪي مستقبل ۾ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندا.
ان موقعي تي انجنيئر فضا، انجنيئر علي اڪبر شاهه، ذاڪر شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئ

Leave a Comment

Scroll to Top